سينٽ پيٽرڪ ڪئٿولڪ چرچ ڪراچي

سينٽ پيٽرڪ ڪئٿولڪ چرچ ڪراچي

سينٽ پيٽرڪ ڪئٿولڪ چرچ ڪراچي

سينٽ پيٽرڪ ڪئٿولڪ چرچ ڪراچي: پاڪستان ۾ هن وقت هيءَ چرچ/ عيسائي مذهب جي ڪيٿولڪ فرقي جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي چرچ آهي. ڪراچيءَ جي موجوده عراق روڊ جي اوڀر واري ڇيڙي تي صدر جي پوئين پاسي سينٽ پيٽرڪ اسڪول جي سامهون موجود هيءَ چرچ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ ٺهندڙ پهرين باقاعدي چرچ آهي. ان کان اڳ ڪراچيءَ جا عيسائي پنهنجن گهرن ۾ هڪ حصي کي عبادت گاهه طور ڪم آڻيندا هئا.
هيءَ چرچ، ان وقت جي فوجي ڇانوڻيءَ جي ڪئٿولڪ فوجين لاءِ 1845ع ۾ جوڙائي وئي، جنهن جي اڏاوت تي اُن وقت ڇهه هزار روپيا خرچ آيو هو. ان وقت هيءَ ننڍي چرچ هئي. هاڻوڪي چرچ جي خوبصورت عمارت 1878ع ۾ ٺهي راس ٿي. پراڻي بلڊنگ کي سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ تبديل ڪيو ويو هو، پر 1885ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آيل طوفان سبب تباهه ٿي ويو. 1978ع ۾ هن ڪليسا جي سوين (100) سالگرهه جي جشن جي موقعي تي پاڪستان ٽپال کاتي خاص ٽِڪلي جاري ڪئي هئي. اپريل 1881ع ۾ هن چرچ کي پهريون ڀيرو عبادت لاءِ کوليو ويو. بعد ۾ مختلف وقتن تي عيسائين جي وڌندڙ تعداد سبب عمارت ۾ واڌارا آندا ويا.
هن گرجا گهر جي طرز تعمير مشهور گوٿِڪ فن تعمير تي مشتمل آهي. ابتدائي طور هن گرجا گهر جي ڊيگهه 52 ميٽر ۽ ويڪر تقريباً 22 ميٽر ۽ تقريباً 1500 ماڻهن جي هڪ وقت ويهي عبادت ڪرڻ جي جاءِ هئي، هن وقت ان ۾ توسيع ڪري 2000 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش ڪئي وئي آهي. هن چرچ جو هال 170 فوٽ ڊگهو ۽ 75 فوٽ ويڪرو اهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت 1500 ماڻهو عبادت ڪري سگهن ٿا. نومبر 1991ع ڌاري نامور سماجي اڳواڻ مڌر ٽريسا به هن ڪليسا جو دورو ڪيو هو. 2003ع ۾ سنڌ حڪومت هن عمارت جي قدامت ۽ خوبصورتيءَ کي سامهون رکندي هن چرچ کي سنڌ جي قديم ماڳن ۾ شمار ڪري ’هيريٽيج‘ قرار ڏنو آهي. هيءَ چرچ ڪئٿولڪ عيسائين سان واسطو رکي ٿي. سينٽ جوزف اسڪول ۽ سينٽ جوزف چرچ به هن سان گڏ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو